پتڻ جي ماڙي

پتڻ جي ماڙي: هيءَ ست ماڙ جاءِ پاڪستان ٿيڻ کان اڳ ٺهي، جيڪا سکر کان روهڙيءَ ڏانهن ايندي، ايوب پل کان لهندي نظر ايندي آهي. هيءَ ست ماڙ عمارت ڳاڙهين سرن جي ٺهيل آهي، جنهن جون مٿيون ٻه منزلون خوبصورت گئلرين تي ٻڌل آهن. هيءَ ماڙي سيٺ ڪنيا لال جي ٺهرايل آهي، ان ڪري ان تي ”ڪنيا لال ڪاٽيج“ جي تختي لڳل آهي، پر عام طرح ’پتڻ جي ماڙي‘ سڏي ويندي آهي. هيءَ عمارت سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور آهي، جيڪا پنهنجي نوعيت جي بهترين عمارت آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو